SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڀڳتي ادب


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڀڳتي ادب

(Bhagti Literature)

وچولي دؤر واري هند ۾هندو ڌرم سان واسطيدار وشنوءَ جي ڀڳتي ڪندا هئا، اهو هڪڙو طريقو مڪتيءَ (نجات) جو هو، جيڪو ’ڀڳوت گيتا‘ ۾ ڄاڻايل هو. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن “ جي ڀاڱي ٽئين ۾ لکيو آهي ته ڀڳتي ساهتيه (ادب) ڏکڻ ڀارت ۾”تامل گيتن“ ۾ شروع ٿيو جيڪي گيت ستينءَ کان ڏهين صديءَ تائين الور جي هڪ سنت شاعر لکيا هئا، پر پوءِ ڀڳتي 15 صديءَ ۾اتر ڏانهن پکڙجي ويئي. اتي ڪبير (1518- 1430ع) ۽ گرو نانڪ (1539- 1496ع) هڪ ڪائناتي خدا ڏانهن اعتقاد جو ڦهلاءُ ڪيو، جو نه هندو هو ۽ نه مسلمان . گهڻو ڪري ڀڳتي ساهتيه (ادب) وشنوءَ جي رام يا ڪرشن جي صورت ۾ ظهور پذير ٿيڻ جي باري ۾ چيو ويو آهي. ڪرشن ڀڳتي اتر ۽ اوڀر ڀارت ۾ گهڻي هئي خاص ڪري شاعر چندي داس (15 صدي) ۽ ميران ٻائي (1649- 1608ع) ۽ گجراتي شاعر نرسمها مهتا (1580- 1500ع) وغيره ڪرشڻ ڀڳتي جا مشهور ڀڳت آهن. ڀڳتي تحريڪ جي مختلف لاڙن جو شاهه لطيف، روحل فقير، سچل سرمست ۽ ساميءَ جي شاعريءَ تي پڻ اثر ملي ٿو.


Remember Me Also:

سرڳ

ذ. [سن. سوَر] سُورڳ ، فردوس ، جنت. عدن جو بهشتي باغ. عيش. ٻي دنيا. ذ. صفت. چڱو ، خوشبودارُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal